مٺي: ٿرپارڪر جي اقليتي برادري ڀارتي جارحيت خلاف مٺي ۾ احتجاجي مظاهرو
مٺي (ڊ-ر) ٿرپارڪر جي اقليتي برادري ڀارتي جارحيت خلاف مٺي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مظاهري دوران “پاڪ فوج زنده باد” جا نعرا هنيا ويا ۽ پاڪ فوج جي بهادري تي فخر جو اظهار ڪيو ويو.
احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي چيئرمين منوج ڪمار ملاڻي ۽ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري سشيل ڪمار ملاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي اقليتي برادري پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو منھن توڙ جواب ڏيئي قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پنهنجن نظرياتي مقصدن لاءِ خطي ۾ نفرتون پکيڙي رهيو آهي جيڪو انسانيت دشمن عمل آهي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حملن جو جواب ڏيئي پاڪ فوج مودي سرڪار جي منهن تي چماٽ هنئي آهي ۽ مودي جو اصل چهرو سڄي دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي مٺي ۾ مذهبي جماعتن پاران پڻ ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي.
مَي 9, 2025