قوم پرُسڪون رهي، پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت ڪري رهي آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف ڀارت کي مسلسل شڪستون کائڻ باوجود عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڀارت کي هر طرفان مار ملي آهي، پر هو پنهنجي عوام کي مطمئن رکڻ لاءِ حقيقت نه ٿو ٻڌائي.
هن چيو ته ڀارت جو ڪوڙ هاڻ وائکو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو آهي، پاڪستان رڳو فوجي ٿاڪن تي حملو ڪيو آهي.
هن چيو ته پاڪستاني عوام پرُسڪون رهي، پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت ڪري رهي آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني فورسز 6 ۽ 7 مئي تي ڀارتي جارحيت کي ناڪام بڻائيندي ڀارت جا 77 ڊرون تباهه ڪيا آهن، جڏهن ته 7 مئي تي فضا ۾ ٿيل دنيا جي سڀ کان وڏي ڊاگ فائيٽ ۾ پاڪستاني شاهينن ڀارتي رافيل جي ”تڪبر “ کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو هو.