عالمي برداري ڀارت ان جي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏئي: پاڪستان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پهلگام واقعي بابت ڀارتي الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو ۽ ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
شفقت علي خان جو چوڻ هو ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڏينهن پنهنجي بريفنگ دوران پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا، ڀارت کي پنهنجي رويي ۽ موقف تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻڌري عالمي جاچ جي نيڪ نيت سان آڇ ڪئي هئي.
ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي جارحاڻي پاليسين جي جوابدهي لاءِ تيار رهڻ کپي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ڀارت کي ان جي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.

مَي 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو