سکر: ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي صدارت ۾ ضلعي پوليو جي خاتمي واري ڪاميٽي جي اجلاس جي گڏجاڻي ٿي گذري

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي صدارت ۾ ضلعي پوليو جي خاتمي واري ڪاميٽي جي اجلاس جي گڏجاڻي ٿي گذري.

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر تمام گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ايريا انچارج خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪي ايريا انچارج ڪم نه ٿا ڪن انهن کي فوري طور تي نوڪري تان هٽايو وڃي

 جڏهن ته گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ يوسيز تي فوڪس وڌايو وڃي, ايندڙ گڏجاڻي تائين ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو ته فيڪ رپورٽنگ  ۽ اصل ڊيٽا کي اپڊيٽ نه ڪرڻ  سبب پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي ان ڪري سموري ڊيٽا کي فوري طور تي اپڊيٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته پنوعاقل ۽ صالح پٽ ۾ زيرو ڊوز ڪوريج ڇو گهٽ رهي آهي,

 ڪوريج کي وڌايو وڃي ٻي صورت ۾ لاڲاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو ته پوليو جي ٽيمن سان ليڊيز پوليس کي گهرن اندر موڪليو وڃي ته جيئن سمورن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري سگهجن. ان موقعي تي ڊاڪٽر فريد لاڙڪ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ پوليو مهم 26 مئي کان پهرين جون 2025 تائين جاري رهندي.

ايندڙ پوليو مهم لاء مقرر ڪيل ٽارگيٽ کي پورو ڪرڻ لاء 280 ايريا انچارج سميت 1298 ٽيمون ڊيوٽي سرانجام ڏينديون. هن ٻڌايو ته گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 7 يوسيز تي فوڪس آهي بهتر ڪارڪردگي لاء پلان جوڙيو آهي. ايندڙ مهم لا  فيميل ٽيم 100 سيڪڙو ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لاء پڻ موجود رهندي.

مَي 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو