سکر: آئرن مارڪيٽ ۾ فرنيچر جي دڪان کي بجلي جي تارن مان باھ لڳي وئي
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر آئرن مارڪيٽ ۾ فرنيچر جي دڪان کي بجلي جي تارن مان باھ لڳي وئي، ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک بڻجي ويو، سيپڪو جي نااھلي سبب سمورو سامان سڙي رک بڻجي ويو
/ دڪان مالڪ غلام حيدر سومرو. خبر موجب گذريل رات دير سان سکر جي آئرن مارڪيٽ ۾ فرنيچر جي دڪان ۾ اوچتو باھ لڳي وئي،
جنھن سبب دڪان ۾ پيل لکين روپين جي ڪاٺي ۽ ٻيو سامان سڙي رک بڻجي ويو، ان حوالي سان دڪان مالڪ غلام حيدر سومرو ۽ فھيم سومرو جو چوڻ ھو گذريل رات بجلي جي يارھن ھزار تار اسان جي دڪان ٻاھران ڪري پئي جنھن جو اطلاع اسين واپڊا آفيس وارن کي ڏنو سين، پر تار ٺاھڻ کان اڳ ئي بجلي ھلائي وئي،
جنھن سبب چڻنگون نڪرڻ بعد باھ اسان جي بند پيل دڪان کي وڪوڙي وئي، فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو عملي پھچي باھ تي ضابطو آندو پر دڪان ۾ پيل ڪروڙ روپين ماليت جو سامان سڙي رک بڻجي ويو ھو، ھنن مطالبو ڪيو ته لاپرواھ سيپڪو عملي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي.
مَي 9, 2025