سرسو پاران ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي انتهائي غريب خاندانن ۾ 43 پيداواري اثاثا ورهايا ويا
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقين جي انتهائي غريب خاندانن ۾ 43 پيداواري اثاثا (ڳئون) حوالي ڪيا.
سرسو جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ جميل سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ ھي قدم نيشنل پاورٽي گريجوئيشن پروگرام جو حصو آهي، جيڪو پاڪستان حڪومت جي غربت جي خاتمي واري وزارت جو هڪ اهم پروگرام آهي، جنهن کي انٽرنيشنل فنڊ فار ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ (IFAD) پاران فنڊ ڪيو ويندو آهي.
هن پروگرام جو مقصد انتهائي غريب ۽ تمام غريب بي آءِ ايس پي خاندانن کي بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن اهي پائيداري طور تي غربت مان ٻاهر نڪري سگهن تہ جئين ھو خوراڪ جي حفاظت، غذائي حيثيت، ۽ موسمياتي تبديلي جي لچڪ کي بهتر بڻائي سگهن.
ھن چيو تہ ڳئن ورهائڻ واري تقريب دوران سڀني جانورن جي اثاثن جي اسڪريننگ ڪئي وئي ۽ انھن ويڪسينيشن ڪرائي مستحقين جي موجودگي ۾ صحيح طرح سان ٽيگ ڪيو ويو. وصول ڪندڙن کي پروگرام جي مقصدن ۽ پائيدار غربت جي خاتمي لاءِ مناسب اثاثن جي انتظام جي اهميت بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.
اميد آهي ته هن شروعات جو فائدو وٺندڙن جي زندگين تي مثبت اثر پوندو، جنهن سان اهي پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائي سگهندا ۽ خود ڪفيل بڻجي سگهندا.
غربت جي خاتمي جي حوالي سان سرسو جون ڪوششون حڪومت جي غربت گهٽائڻ ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي رهواسين که مڪمل معاشي حوالي سان بااختيار بڻائڻ واري عزم جو ثبوت آهن.
مَي 9, 2025