سانگهڙ: ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعلىٰ سانگهڙ غلام شبير ميمڻ اڄ تعلقي اسپتال سنجھورو جو دورو

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ريجنل ڊائريڪٽر محتسبِ اعلىٰ سانگهڙ غلام شبير ميمڻ اڄ تعلقي اسپتال سنجھورو جو دورو ڪيو. دوري دوران هن اسپتال ۾ فراهم ڪيل طبي سهولتن، صفائي سٿرائي ۽ دوائن جي دستيابي جو جائزو ورتو.

 هن مريضن سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شبير ڇينه، ڊاڪٽر مريم عامر چوهدري، اسسٽنٽ رجسٽرار محتسبِ اعلىٰ

غلام مرتضىٰ ميمڻ سميت سينئير صحافي خدا ڏنو ڪاڇائي ۽ ٻيو عملو پڻ موجود هو.

محتسبِ اعلىٰ اسپتال جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ۽ چيو ته عوام کي معياري صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن ڊاڪٽر شبير چنه ۽ ڊاڪٽر مريم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ وڌيڪ سڌاري جي اميد ظاهر ڪئي.

مَي 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو