ڀارت جي آبي دهشتگردي: ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات بعد بگليهار ڊيم جا پنج دروازا کوليا ويا، پاڪستان لاءِ ٻوڏ جو خطرو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان آبي دهشتگردي جي هڪ ٻي قدم طور، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تيز برساتن کانپوءِ رامبن ضلعي ۾ قائم بگليهار ڊيم جا پنج دروازا کوليا ويا آهن، جڏهن ته سلل ڊيم جو فلڊ دروازو پڻ کولڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهنڪري پاڪستان لاءِ وڏي پيماني تي ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، هي قدم مقامي سطح تي شديد برسات کانپوءِ کنيو ويو.
تجزيي نگار ان کي ڀارت جي پاڪستان مخالف پاڻي پاليسي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي سان جوڙي رهيا آهن.
ياد رهي ته ڀارت، پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي الزام هيٺ، سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري چڪو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڻي ورڇ بابت بنيادي معاهدو آهي.
پاڪستان ان قدم کي واضح طور تي آبي دهشتگردي قرار ڏيندي عالمي فورمن تي احتجاج به رڪارڊ ڪرايو آهي.
پاڪستاني زرعي ماهرن ۽ آبي وسيلن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته خريف جي فصلن لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ سخت کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ڀارت طرفان پاڻي جي وهڪرن بابت ريئل ٽائيم ڊيٽا مهيا نه پئي ڪئي وڃي.
ماهرن موجب، ان سان نه فقط فصلن جي پوکائي متاثر ٿيندي، پر انساني آبادي لاءِ به وڏو خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو.
پاڪستان عالمي برادري، خاص طور گڏيل قومن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت جي اهڙي بزدلاڻي ۽ جارحاڻي رويي تي سخت نوٽيس وٺ، ڇو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انسانيت خلاف عمل آهي.