پوج هندو پنچائت سکر پاران پاڪستان سان وفاداري ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي طور پرامن ريلي ڪڍي وئي
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)پوج هندو پنچائت سکر پاران پاڪستان سان وفاداري ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار لاءِ هندو ڌرم شالا مندر کان گهنٽاگهر چوڪ تائين پرامن ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ هندو برادري جي ماڻهن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
.ريلي ۾ شامل ماڻھن جي هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا کنيل هئا ۽ “پاڪستان زنده باد” ۽ “پاڪ آرمي زنده باد” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رهيا هئا.ريلي جي اڳواڻي پوج هندو پنچائت جي مکي ايشور لال ڪئي،جڏهن ته مظاهرين ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي علامتي پتلي کي روڊ تي گھلڻ بعد گهنٽا گهر چوڪ تي ساڙي ڇڏيو.
ريلي منظم ۽ پرامن انداز ۾ ڪڍي وئي جيڪا شهرين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.ريلي کي خطاب ڪندي مکي ايشور لال چيو ته ڀارت جي طرفان ٿيندڙ بزدلانه جارحيت ۽ پاڪستان خلاف اشتعال انگيزي جي هندو برادري سخت لفظن ۾ رد ڪري ٿي.
هن چيو ته “پاڪستان اسان جي ماءُ ڌرتي آهي ۽ ان جي حفاظت، سالميت ۽ ترقي لاءِ اسين هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.مکي ايشور لال وڌيڪ چيو ته هندو برادري جو هر فرد هن ملڪ جو وفادار سپاهي آهي
۽ اسان جي رت جو هر ڦڙو پاڪستان لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خبردار ڪندي چيو ته “پاڪستاني قوم مذهب ۽ قوميت کان مٿانهون ٿي متحد آهي ڪنهن به پرڏيهي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔
مَي 8, 2025