ڀارت ۾ موجود پرڏيهي ڪرڪيٽر پريشان، آءِ پي ايل تي غير يقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سان ڇڪتاڻ سبب ۾ جاري انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جو شيڊيول متاثر ٿيڻ لڳو.
ڀارت ۾ آءِ پي ايل انتظاميا پڻ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پريشان آهن ۽ ڀارت ۾ موجود پرڏيهي ڪرڪيٽر به پريشان ٿي ويا آهن.
آءِ پي ايل جو مستقبل تي غير يقيني وارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز ۽ ڪنگز اليوين پنجاب جي ميچ ڌرمشالا مان منتقل ڪئي وئي ويو آهي.
مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هوائي اڏن جي بندش سبب ميچ ڌرمشالا کان حيدرآباد منتقل ڪئي وئي، 11 مئي تي شيڊيول ميچ هاڻي حيدرآباد دکن ۾ کيڏي ويندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، موجوده صورتحال ۾ ڌرمشالا هوائي اڏو اچ وڃ لاءِ بند آهي.
ياد رهي ته پاڪستان جي ڪارروائي کان ڊنل ڀارت 27 ائيرپورٽ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين اُڏامون معطل ٿي ويون آهن.

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو