پاڪستان تي لڳايل الزام ۽ حقيقتون

Spread the love

نديم علي خواجا

آخرڪار ڀارت پنهنجي اصليت ڏيکاريندي رات جي تاريڪي ۾ پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو، پر پاڪستان جي مضبوط ۽ طاقتور آرمي ڀارت جي انهي ناپاڪ حملي ۽ منصوبي کي مڪمل طور ناڪام بڻائي ڇڏيو آھي، پاڪستاني فوج جي ترجمان جو چوڻ آھي ته انهي حملي ۾ 8 پاڪستاني شھيد ٿيا آھن، جنهن ۾ ھڪ ٻار پڻ شامل آھي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آھن. ڀارت جي انهي بزدلاڻي ڪارروائي خود ڀارت کي ئي شرمنده ڪري ڇڏيو آھي، ڇوته پاڪستان جي فوج جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج کي پڻ تمام گهڻو نقصان پهچايو آھي ۽ ڀارتي فوج جي ڪيترن ئي جوانن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ڀارتي ميڊيا ۽ سرڪار انهي جاني ۽ مالي نقصان کي عالمي ميڊيا کان لڪائي رهي آھي، ڀارت کي اها چڱي طرح خبر آھي ته هن جلد بازي ۾ پاڪستان تي حملو ڪري وڏي غلطي ڪئي آھي، ڀارت پاڪستان سان شروع کان ئي دشمني ڪري رهيو آھي، هن ڪڏهن به پاڪستان کي دل سان تسليم نه ڪيو آھي، ۽ هميشه موقعي جي تلاش ۾ هوندو آھي ته ڪنهن به طريقي سان پاڪستان کي عالمي سطع تي بدنام ڪري سگهجي، ڀارت پنهنجي ئي ايجنسين هٿان پنهنجن علائقن تي ڪوڙا حملا ۽ دهشتگردي ڪرائي اهو ئي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته پاڪستان مان دهشتگرد ڀارت اچي عوام کي نشانو بڻائي رهيا آھن.

پر عالمي دنيا کي اها چڱي طرح خبر آھي ته پاڪستان خود ئي دهشتگردي جو شڪار آھي، پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب ڪيترائي بيگناھ ماڻهو شهيد ٿي ويندا آھن، جن ۾ معصوم ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل آھن، تازو ڀارت ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي آھي، تنهن جو پڻ ڀارت پاڪستان تي الزام هڻندي پاڪستان جو پاڻي بند ڪندي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، پر پاڪستان وري به صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي ڀارت کي اها آڇ ڪئي ته هو انهي دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هر قسم جي جانچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي لاءِ تيار آھي، ڇوته پاڪستان هميشه نيڪ نيتي جو مظاهرو ڪندو آھي، پر ڀارت جي دل ۾ چور آھي، ڀارت کي خبر آھي ته جيڪڏهن صاف ۽ شفاف جانچ ٿي ته سندس اڇا ڪارا دنيا جي آڏو پڌرا ٿي ويندا ۽ ڀارت دنيا کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندو، ڀارت هميشه کان اهائي ڌمڪي ڏيندو رهيو آھي ته هو پاڪستان تي حملو ڪندو، پاڪستان پڻ انهي حملي جو بهرپور جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي تياري ڪري ڇڏي هئي، انهي لاءِ ڪجهھ ڏينهن اڳ وزير اعظم جي صدارت ۾ نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جو اجلاس پڻ ٿيو هو، جنهن ۾ ملڪ جي مڪمل حفاظت ۽ دشمن کي منهن ٽوڙ  جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڇوته برداشت جي به ڪا حد هوندي آھي.

 پاڪستان جي آرمي انهي حملي جي لاءِ مڪمل تيار هئي، وزير دفاع پڻ چئي چڪو هو ته ڀارت ڪنهن به وقت پاڪستان جي سرزمين تي پنهنجا ناپاڪ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندو، ڀارت کي اها خبر نه هئي ته پنهنجي دلين ۾ ايمان ، جذبو ۽ مضبوط ارادو رکندڙ پاڪستان جي آرمي اهڙو جواب ڏيندي جو کيس ڏينهن جا به تارا نظر ايندا ۽ هو امن جو جهنڊو ڏيکارڻ تي مجبور ٿي ويندو، ڀارت جي مودي سرڪار کي اها به چڱي طرح خبر آھي ته پاڪستان پڻ هڪ ايٽمي طاقت آھي، ۽ جديد جنگي هٿيارن جو هڪ وڏو ذخيرو رکي ٿو، جيڪڏهن اها جنگ لڳي ته ڪافي عرصي تائين هلي سگهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جي سياسي قيادت ملڪ جي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندي، ۽ هو هڪ ئي پليٽ فارم تي متحد آھي.

 جڏهن ته ڀارت جي مودي سرڪار تي سندس پارٽي جا اڳواڻ ۽ مخالف جماعتون تنقيد ڪري رهيون آھن ۽ مودي حڪومت کي جنگ نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيون آھن، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جي هڪ شھر کي نشانو بڻائيندو ته پاڪستان ڀارت جي ڪيترن ئي شھرن کي پنهنجي نشاني تي رکي سگهي ٿو، ڇوته ڀارت جي آبادي پاڪستان کان تمام گهڻي وڌيڪ آھي، ڀارت جي عوام ڪڏهن به اهو نه چاهيندي ته مودي حڪومت جي نااهلي ۽ غلط پاليسين سبب سندن جانيون ضايع ٿين، انهي کان علاوه معيشت کي پڻ نقصان رسي سگهي ٿو، پاڪستاني عوام شروع کان ئي مهنگائي کي منهن ڏئي رهي آھي، ۽ هاڻي ته انهي مهنگائي جي عادت ٿي چڪي آھي، پر ڀارت انهي مهنگائي کي برداشت نه ڪري سگهندو، ڇوته جنهن ڀارت جي عوام کنڊ جي هڪ ڪلو تي هڪ رپيو اضافو ٿيڻ تي حڪومت خلاف احتجاج ڪري سگهي ٿي ته ملڪ ۾ جنگي حالت ۾ جيڪو مهنگائي جو طوفان ايندو تنهن کي ڪيئن منهن ڏيندي، مودي حڪومت يقينن پاڪستان تي حملو ڪري وڏي غلطي ڪئي آھي، جنهن جو نتيجو پڻ سندس سامهون آھي، بهتر اهو آھي ته مودي سرڪار پاڪستان سان امن معاهدو ڪري ته جيئن ڀارت جي عوام پڻ سک جوساھ کڻي سگهي ۽ ڀارت ۾ جيڪو مهنگائي جو طوفان ايندو تنهن کي وقت کان اڳ ئي روڪي سگهجي.

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو