ملڪي بندرگاهن تي ميري ٽائيم سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ٻيڙين جي سمنڊ ۾ داخلا بند، اجازت ناما رد

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بندرگاهن تي ميري ٽائيم سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.
پورٽ ذريعن موجب، ننڍين ۽ وڏين ٻيڙين جي سمنڊ ۾ وڃڻ تي فوري پابندي لڳائي وئي آهي ۽ اڳ جاري ڪيل اجازت ناما رد ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فشنگ جون سوين ٻيڙيون ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون ٻيڙيون سمنڊ ۾ نه وينديون، جڏهن ته واپاري جهازن جي اچ وڃ معمول موجب جاري رهندي.
پورٽ ذريعن موجب، اهو فيصلو سمنڊ ۾ چر پر کي محدود ڪري سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو