سڪرنڊ: شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 26 مئي کان 1 جون تائين پوليو خلاف قومي مهم هلائي ويندي
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)شهيدبينظيرآباد ڊويزن جي ٽنھي ضلعن ۾ پوليو خلاف قومي مھم 26 مئي کان پھرين جون تائين منعقد ٿيندي انھيءَ سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو ھڪ اجلاس ڪمشنر شھيد بينظير آباد ڊويزن شھريار گل ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪمشنر آفيس جي ڪميٽيءَ روم ۾منعقد ٿيو
اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ٽو سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل گل فيصل الاھي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شھيد بينظير آباد ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري ٬ ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر جھانگير ڪورائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم ٬ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سارا جاويد ۽ سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز جي ھيلٿ آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي
انھيءَ موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن شھريار گل ميمڻ چيو ته ٻارن کي پوليو جھڙي موذي مرض کان محفوظ رکڻ لاءِ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ ضروري آهن انھيءَ لاءِ والدين ھن قومي فرض ۾ تعاون ڪن ڪمشنر ٽنھي ضلعن جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته پوليو خلاف قومي مھم دوران ريفيوزل ٻارن کي اوليت جي بنياد تي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن
جڏھن ته پوليو ٽيمن جي تربيت ٬ مائڪرو پلان جي تياري کان علاوه ٻين مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا وڃن ڪمشنر سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي تہ پوليو خلاف قومي مھم دوران ٽيمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن جڏھن ته ٽيمن کي فيلڊ دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻن تہ جيئن مھم جا بھتر نتيجا حاصل ڪري سگھجن
انھيءَ موقعي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سارا جاويد پنھنجن پنھنجن ضلعن ۾ پوليو خلاف قومي مھم جي حوالي سان ڪيل انتظامن ۽ گذريل پوليو خلاف مھم جي حوالي سان آگاھي ڏني ان موقعي تي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊويزنل ڪوآرڊينيٽر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر جھانگير ڪورائي ۽ ٽنھي ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسرن ٻڌايو ته پوري ملڪ جيان شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ پڻ پوليو خلاف قومي مھم 26 مئي کان پھرين جون تائين منعقد ٿي رھي آھي
مھم دوران ڊويزن جي پنجن سالن تائين عمر جي 11 لک 88 ھزار 57 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا انھي مقصد لاءِ ٽوٽل 3 ھزار 752 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن ۾ 3403 موبائل، 110 ٽرانزٽ ۽ 239 فڪس ٽيمون شامل آھن ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليو خلاف قومي مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي تربيت، مائڪرو پلان جي تياري سميت ٻيا انتظام ڪيا پيا وڃن.
مَي 8, 2025