سڪرنڊ: روهڙي ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ سبب نصرت ڊويزن جون مختلف شاخون 10 کان 17 مئي تائين بند رهنديون  

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايگزيڪيوٽو انجنئير آبپاشي نصرت ڊويزن شھيد بينظيرآباد ذوالفقار علي کوسو پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي تہ روھڙي ڪينال ۾ پاڻي جي کوٽ سبب نصرت ڊويزن مان نڪرندڙ مختلف شاخون وارا بندي سبب 10 مئي صبح 6 وڳي کان 17 مئي شام 6 وڳي تائين بند رھنديون

 پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي تہ جلباڻي مائنر، چاھين مائنر، نيو سانگي لنڪ، ڊراکھي مائنر، چيھو مائنر، (واٽر ڪورسز) آمرجي برانچ کان سيٺار ايڪس ريگيوليٽر،جيمز ڊسٽري، لبجي وائي مائنر، نواب شاهه ڊسٽري، مگسي مائنر، سيٺارڪي ڊسٽري، کيريرو مائنر، چن بابو ڊسٽري، ڊي ايس نواز ڏاھري ايڪس ريگيوليٽر، (واٽر ڪورسز) نصرت برانچ 60 ميل ايڪس ريگيوليٽر کان 72 ميل ايڪس ريگيوليٽر ديوان آباد مائنر، سھيلو مائنر، ڄام صاحب ڊسٽري، وسرو مائنر، ڀٽ مارو پائيپ ٽو، گپچاڻي مائنر ۽ چن بنڌڻي مائنر 10 مئي صبح 6 وڳي کان 17 مئي شام وڳي تائين بند رهندا.

مَي 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو