گڏيل وسيع هندستان، پاڪستان، آمريڪا ۽ ايٽمي جنگ ڏانهن ڌڪيندڙ نظريو

Spread the love

حامد مير

انگ اکر حيران ڪندڙ آهن.پکيڙ،آبادي ۽ معيشت جي لحاظ کان پاڪستان هندستان جي مقابلي ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، پر دفاعي صلاحيت جي لحاظ کان هي ننڍڙو ملڪ هندستان جي برابر آهي.ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته جديد ايٽمي هٿيارن جي صلاحيت ۽ پاڪستان جي هوائي فوج جي ويجھي ماضي جي ڪارڪردگي جي ڪري پاڪستان کي هندستان تي برتري حاصل ٿي چڪي آهي. اھا برتري هندستان جي موجوده حڪمرانن لاءِ ناقابل قبول آهي، جيڪي گڏيل وسيع هندستان جي نظريي تي يقين رکن ٿا. ان برتري جي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ ھنن پروپيگنڊا کي ھڪ هٿيار طور بڻائي رکيو آهي. اھو هٿيار هندستان اندر تھ ڪم ڪري رهيو آهي پر هندستان کان ٻاهر اثرائتو ثابت نه ٿي رهيو آهي. آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان ڪانفرنس جي منقعد ٿيڻ کي هڪ هفتو گذري ويو آهي ۽ هندستاني ميڊيا اڃا تائين ان ڪانفرنس جي ڪري هارورڊ يونيورسٽي جي انتظاميا تي تنقيد ڪري رهي آهي.

ڪانفرنس يونيورسٽي جي متل انسٽيٽيوٽ آف سائوٿ ايشيا ۾ منعقد ٿي ھئي، جيڪا 2017 ۾ ھڪ هندستاني ڪاروباري ٽائيڪون لڪشمي متل پاران ڏنل 25 ملين ڊالر جي عطيي سان قائم ڪئي وئي هئي. جڏهن هي ادارو قائم ٿيو ھو ته هارورڊ يونيورسٽي سان واعدو ويو ھو تھ هن اداري مان سڄي ڏکڻ ايشيا جا شاگرد مستفيد ٿيندا ۽ ھتي ڏکڻ ايشيا تي تحقيق ٿيندي.هتي ڪئي.اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، هتيش هتي، جو تعلق پڻ هندستان سان هو. انهيءَ ڪري هتي هر سال انڊيا ڪانفرنس منعقد ٿيڻ لڳي.

هن ڀيري اھا ڪانفرنس 15 ۽ 16 فيبروري 2025 تي منعقد ڪئي وئي. هندستان ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان پوءِ، پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين مطالبو ڪيو ته انهن کي پاڪستان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. پاڪستان ڪانفرنس جي مطالبي کي گهڻو سنجيدگي سان نه ورتو ويو. سبب اهو آهي ته اڄ ڪلهھ  ھارورڊ يونيورسٽي سميت سڄي آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جو تعداد مشڪل سان 10,ھزار 988 آهي. ان جي مقابلي ۾، ھندستاني شاگردن جو تعداد 331,602 ،بنگلاديشي شاگردن جو انگ 17,099 ۽ نيپالي شاگردن جو تعداد 16,742 آھي.متل انسٽيٽيوٽ کي اندازو نھ ھو تھ هارورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني شاگرد، انڊيا ڪانفرنس جي مقابلي ۾ ھڪ  ڪانفرنس منعقد ڪري سگهندا.يونيورسٽي  جي قاعدن ۽ ضابطن جي مطابق ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ته پاڪستاني شاگردن فيصلو ڪيو ته ان ڪانفرنس کي پاڪستاني حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پروپيگنڊا جي پليٽ فارم بڻائڻ جي بدران پاڪستان جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي ذريعي طور استعمال ڪيو وڃي.

متل انسٽيٽيوٽ ڪانفرنس جي  منعقد ڪرڻ لاءِ 27 اپريل جي تاريخ مقرر ڪئي، جيڪو آچرجو ڏينھن  هو. مقصد واضح ھو تھ   آچر ڏينھن ھئڻ ڪري ڪانفرنس ۾ گهٽ کان گهٽ ماڻھون  شرڪت ڪندا، پر ڪانفرنس جي منتظمين، هارورڊ جي بلفورڊ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ميگهن او سليوان جي مدد سان، نه رڳوآمريڪا جي اھم  يونيورسٽين جي پروفيسرن کي پر ممتاز سفارتڪارن کي به ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني.پاڪستاني جي اڪانامي تي بھ ٿيندڙ بحث ۾ عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل اهم شخصيتن حصو ورتو. پاڪستان جي تاريخ تي آمريڪا جي نفٽس يونيورسٽي جي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر عائشه جلال، جو مڪالمو  ھتش حاتيءَ سان ھو.

ڪانفرنس جو سڀ کان وڌيڪ ڀرپور سيشن پاڪستان جي جمهوريت جي مستقبل جي باري هو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا جي،چٽي گفتگو سان ڪانفرنس ھال بار بار تاڙين سان گونجندو  رهيو. جڏهن اھو سيشن ختم ٿيو، ته سڄو هال اٿي بيٺو ۽ گهڻي دير تائين، پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي حق ۾ بلند ڪيل آواز سان يڪجهتي ۾ تاڙيون وڄائيندو رهيو. اٿي بيھي تاڙيون وڄائيندڙن ۾ پاڪستاني حڪومت جا نمائندا به شامل  هئا، جن وٽ اٿي بيهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو.

جڏهن مون پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ اعليٰ عهديدار کان پڇيو ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل سلمان اڪرم راجا،  جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ ايتري وڏي پذيرائي ۽ آجيان تي توھان جا جذبات ڪھڙا ھئا ؟ پاڪستاني سفارتڪار پنهنجي دل تي هٿ رکي چيو، تھ پاڪستان جي سياست کي پاڪستان ۾ ئي رهڻ ڏيو.هتي راجا صاحب پاڪستان جو نمائندو هو ۽ سندس عزت افزائي پاڪستان جي عزت افزائي آھي. هارورڊ يونيورسٽي ۾ هڪ ڪامياب پاڪستان ڪانفرنس هندستان لاءِ هڪ بم شيل هو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي  اڳوڻي پرڏيھي وزي رابن رافيل، پھل گام حملي ۾ پاڪستان جي ملوث ھئڻ جي الزامن بابت اهم سوال اٿاريا هئا.

هندستاني ميڊيا پهرين تھ هارورڊ يونيورسٽي تي تنقيد ڪئي ۽ هاڻي لڪشمي متل کان مطالبو ڪيو پيو وڃي تھ متل انسٽيٽيوٽ آف سائوٿ ايشيا،جو نالو تبديل ڪري متل انسٽيٽيوٽ آف انڊيا، رکيو وڃي. هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ سينئر پروفيسر مون کي ٻڌايو ته متل انسٽيٽيوٽ جو نالو تبديل ڪرڻ جي تجويز اڳ ۾ ئي سامهون آئي هئي ڇاڪاڻ ته ڀارتيه جنتا پارٽي جي قيادت اصل ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا کي گريٽر انڊيا، يعني اکنڊ ڀارت سمجهي ٿي. هن آمريڪي پروفيسر مون کان پڇيو ته ڇا ڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ اکنڊ ڀارت تي ڪا ڪانفرنس ٿي آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته مون کي اڪثر  پاڪستان جي اهم يونيورسٽين ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو رھندو آهي ۽ اتي ڪشمير تي تھ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿينديون آهن، پر اکنڊ ڀارت تي ڪڏهن به ڪا ڪانفرنس نه ٿي آهي. آمريڪي پروفيسر چيو ته آمريڪا جي ڪيترين ئي اهم يونيورسٽين ۾ هندستاني استادن ۽ ماهرن جو وڏو تعداد آهي، جن ۾ هارورڊ به شامل آهي. هن هندستاني لابي کي اسرائيلي لابي جي حمايت پڻ حاصل آهي.

انهن آھستي آھستي  اھا ٿيوري لانچ ڪري ڇڏي آهي تھ چين جي وڌندڙ اثر جو مقابلو صرف  ھڪ مضبوط انديا ڪري سگهي ٿو ۽ هندستان کي مضبوط بڻائڻ جو رستو اکنڊ ڀارت جي نظرئي  ۾ آهي.مون جڏھن   انگريزي ۾ زور سان چيو،تھ “UNBELIEVABLE،” تھ آمريڪي پروفيسر چيو، “ٽي سال اڳ، جڏهن هڪ هندستاني سفارتڪار مون کي ٻڌايو ته پاڪستان، بنگلاديش، سريلنڪا، نيپال، برما ۽ افغانستان اصل ۾ هندستان جو حصو هئا، پر نوآبادياتي طاقتن هندستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. تھ پوءِ مون پنھنجي طور تي ريسرچ ڪئي. تحقيق کان پوءِ، آمريڪي پروفيسر کي خبر پئي ھوندي ته گريٽر انڊيا، يعني  اکنڊ ڀارت جو نظريو، ڪا تاريخي سچائي نه آهي پر صرف هڪ افسانو آهي.

پاڪستان واپس اچڻ کان اڳ، مون کي نيويارڪ ۾ هڪ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ۾ ڳالهائڻ جي دعوت ڏني وئي .گفتگو آف دي رڪارڊ هئي، پر هتي به، اکنڊ ڀارت جو ذڪر بار بار ايندو رهيو. آمريڪا جي سفارتي حلقن ۾ اهو آھستي آھستي اھو  احساس اجاگر ٿي رھيو آهي ته هندستان طرفان  چين ۽ آمريڪا جي ٽڪراءُ جو فائدو وٺي ڪري اکنڊ هندستان جي نظريي آمريڪا ۾پروموٽ ڪيو پيو وڃي. هي نظريو نه رڳو پاڪستان پر بنگلاديش، سريلنڪا، نيپال، برما ۽ افغانستان جي سلامتي لاءِ به خطرو آهي. في الحال ان نظرئي کي آمريڪا ۾ قبوليت نه ملي رھي، پر پاڪستان کي ان نظريي جي ٽارگيٽ ملڪن سان گڏجي ھڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي.هي نظريو دنيا کي ھڪ ايٽمي جنگ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو