گڏيل عرب امارتن جي پاڪستان کي وڏي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن پاڪستان ريلوي جي مال برداري خدمتن کي جديد بڻائڻ لاءِ ڊگهي مدي جي معاهدي جي آڇ ڪري ڇڏي.
ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي جي پاڪستان ۾ يو اي اي جي سفير ايڇ اي حماد عبيد الزاب سان اهم ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ پاڪستان ريلوي جي مال برداري جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، يو اي اي طرفان ڊگهي مدي جي معاهدي جي آڇ ڪئي وئي.
گڏيل عرب امارتن ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ ٻه طرفي معاهدي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
گڏيل عرب امارتن پاڪستان ريلوي ۽ ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل (جيڪو ايڊ پورٽس گروپ جي ذيلي ڪمپني جي ملڪيت هيٺ آهي) وچ ۾ مال بردار ٽرين سروسز جي شروعات لاءِ گڏيل سهڪار جي آڇ ڪئي.
ان معاهدي سان پاڪستان ريلوي جي مال برداري جي مارڪيٽ شيئر ۾ واڌ ٿيندي ۽ ملڪ جي ملٽي موڊل ٽرانسپورٽ جي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو.