ڊپٽي ڪمشنر سکر/ ڪنٽرولر سول ڊفينس جي صدارت ۾ سول ڊفينس جو اهم اجلاس منعقد

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل  ڪلوڙ )ڊپٽي ڪمشنر سکر/ ڪنٽرولر سول ڊفينس ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو جي صدارت ۾ سول ڊفينس جو اهم اجلاس منعقد ٿيو,

 ڊپٽي ڪمشنر سکر هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ احتياطي قدم کڻڻ جي حوالي سان ضلعي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي تيار رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون جڏهن ته جنگي صورتحال ۾ عوام جي حفاظت, بنيادي سهولتن جي فراهمي, ايمبولنسز ۽ ٻي طبي سروسز, ايمرجنسي صورتحال ۾ پناهگاهن بابت عوام ۾ آگاهي مهم جي منصوبابندي تي پڻ زور ڏنو آهي.

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو ته ايمرجنسي صورتحال ۾ سائرن جو استعمال, مسجدن جي لائوڊ اسپيڪر, عملدارن ۽ ميڊيا ذريعي عوام تائين آگاهي ڦهلائي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سکر پاران شهر ۾ ايمرجنسي رسپانس سسٽم کي بهتر بڻائڻ، ڊاڪٽرز ۽ ميڊيڪل اسٽاف کي هنگامي صورتحال لاء تيار رهڻ جي پڻ هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

ڊي سي ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي سنڀالڻ لا سمورا لاڳاپيل ادارا تيار رهن.

 هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ڪميونيڪيشن کي مستحقم رکڻ لا ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ سول ڊفينس ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو ويو آهي

جنهن جي فوڪل پرسن اي ڊي سي ٽو کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته تعلقن اندر مختلف اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي, جتي ايمبولنسز کي پڻ اسٽينڊ بائي رکيو وڃي

جڏهن ته جان بچائڻ واري دوائن جي وافر مقدار کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. ڊي سي سکر چيو ته ايمرجنسي صورتحال ۾ 1122 نمبر ايمرجنسي نمبر طور استعمال ۾ آندو ويندو, ان نمبر ذريعي جتان به ڪال ايندي لاڳاپيل تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر تائين ميسيج پهچايو ويندو.

ڊپٽي ڪمشنر پاران سکر ضلعي اندر حساس جڳهين جي سڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز, سول ڊفينس, پوليس, رينجرز, ميونسپل ڪارپوريشن سميت ٻين سمورن لاڲاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو