چمبڙ ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار ڪير ؟
ثوبيا کوسو
شروعات ۾ چمبڙ شهر جو سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نالو ورتو ويندو هو ماڻهو ساراهه ڪندي چوندا هئا ته چمبڙ هڪ سرسبز، سياسي مرڪز ۽ امن جو تعلقو رهيو آهي، پر اها حالت آهي جو شهر منشيات وڪري ۽ بدامني جي ور چڙهيل آهي، هر ايندڙ ڏينهن چوريون، ڦرون معمول بڻيل آهن،مليل انگ اکرن موجب 20 ڏينهن جي اندر 30 کان مٿي چورين ۽ ڦرن جا واقعا پيش اچي چڪا آهن، ڪافي روڊ رستا سج لٿي کانپوءِ ويراني جو منظر پيش ڪندا آهن خاص ڪري چمبڙ شهر کان شيخ ڀرڪيو ڏي ويندڙ روڊ جنهن کي ميرانکوري روڊ سڏيو ويندو آهي سج لٿي کانپوءِ ڦرجڻ جي ڊپ کان ڪو به رهواسي ان روڊ تان گذرڻ کان لنوائيندو آهي ۽ جيڪڏهن سخت مجبوري جي حالت ۾ ڪو نڪرندو به آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڦرائي ويهندو آهي،ڪافي ماڻهو انهيءَ روڊ تان گذرندي پنهنجون گاڏيون ڦرائي ويٺا آهن.
حيرت جي ڳالهه اها آهي جو اهي ڦر جون وارداتون انهي ميرانکوري روڊ تي موجود پوليس چيڪ پوسٽ جي بلڪل ويجهو ٿيون آهن پر هيستائين ڪو به ڏوهاري گرفتار ناهي ٿيو،تازو ئي زنئور برادري جا مسڪين نوجوان چمبڙ شهر مان گهر جو سامان وغيره وٺي واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته انهي چيڪ پوسٽ جي ويجهو بيٺل ڦورن کين روڪي موٽرسائيڪل، موبائل ،پئسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ورتو ۽ نهايت ئي آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويا، واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي پر اڃان تائين نه ته ڦر تيل موٽرسائيڪل، موبائل ۽ ٻيو سامان ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڏوهاري گرفتار ٿي سگهيا آهن.
هر اڱاري جي ڏينهن چمبڙ ۾ مال پڙي لڳندي آهي جنهن کي ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي سڏيوويندو آهي، ۽ ان مال پڙي ۾ سموري سنڌ مان واپاري ، ۽ مالوند ماڻهو چوپائي مال جي خريد و فروخت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ڪروڙين روپين جو ڪاروبار ٿيندو آهي، ۽ انهي ئي ڏينهن جو ڦورن کي انتظار هوندوآهي ۽ هو هڪ ڏينهن اندر لکين روپيا ڦر ڪري آساني سان فرار ،به ٿي ويندا آهن، اڄ چمبڙ ۾ لڳندڙ مال پڙي ۾ واپار سانگي ايندڙ واپارين کان چمبڙ ٿاڻي جي حد پبلڪ اسڪول وٽ مين روڊ تي سرعام بيٺل ڦورن هٿيارن جي زور تي 6 لک روپيا ڦر ڪري ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي آساني سان فرار به ٿي ويا، پبلڪ اسڪول جي ٿورڙو ئي اڳيان شيش محل چيڪ پوسٽ موجود آهي هر اڱاري جي ڏينهن لڳندڙ مال پڙي جي ڏينهن چمبڙ کان ٽنڊوالهيار ويندڙ روڊ تي پوليس جو گشت به هلندو آهي پر پوءِ به ڦرون ٿيڻ معمول بڻيل آهن،
چمبڙ شهر جي ڳالهه ڪجي ته اتي وري اهو ويڌن آهي جو شهر جي ڪنهن به مارڪيٽ تي خريداري لاءِ ڪو ويندو آهي ۽ پنهنجي موٽرسائيڪل بيهاريندو آهي ته واپسي ۾ خبر پوندي آهي ته موٽرسائيڪل ته آهي ئي ڪان، جڏهن هو ٿاڻي تي ويندو آهي ته ٿاڻي تي به کيس رسپانس ناهي ڏنو ويندو ۽ هو ويچار مٿو پٽي پٽي خاموش ٿي ويهي رهندو آهي، جيئن گذريل هفتي چمبڙ مال پڙي ۾ ڪولهي برادري جو ڇوڪرو موٽرسائيڪل بيهاري ڪپڙا وٺڻ ويو ، ڏهه کان پندرنهن منٽن کانپوءِ واپس آيو ته ڏٺائين ته موٽرسائيڪل موجود نه هئي، واويلا ڪرڻ کانپوءِ پوليس اهلڪارن کيس چيو ته تنهنجي موٽرسائيڪل ٿاڻي تي بيٺل آهي ۽ اهو ٿاڻي تي ويو ته کيس ٻه ٽي ڪلاڪ بيهاري چيو ويو ته اسان وٽ تنهنجي موٽرسائيڪل ناهي، اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ پوليس جو ڪردار به مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿو ته آخر پوليس پيٽرولنگ، جڳهه جڳهه تي چيڪ پوسٽن، ماڻهن کي روڪي تلاشيون وٺڻ ۽ گاڏين جا ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي باوجود به اهي ڦرون ڪيئن ٿيون ٿين؟ ۽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ڪيئن مين روڊ تي سرعام ڏينهن ڏٺي جو ڦرون ڪندا آهن، ڪافي اهڙا واقعا به ٿي چڪا آهن جن ۾ ٿاڻي سامهون بيٺل گاڏيون چوري ٿيون ڪافي دفعا سي سي ٽي وي ۾ چورن/ ڏوهارين جون تصويرون صاف ڏسڻ ۾ آيون پر پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو ۽ نه ئي وري انهن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪا سنجيدگي ڏيکاري، ماڻهو احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي ماٺ به ٿي ويا پر ڪجهه نه ٿيو، ڪجهه عرصو پهرين چمبڙ ۾ بدنام زمانه ڏوهاري 20 کان مٿي سنگين ڪيسن ۾ گهربل حق ماڇي کي چمبڙ پوليس هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ۽ سندس گرفتاري شو نه پئي ڪئي وئي پر چمبڙ جي صحافين جي وٺ وٺان ۽ خبرون هلائڻ کانپوءِ هٿيار وغيره شو نه ڪيا ويا ۽ ان تي منشيات جي ايف آئي آر داخل ڪري فارملٽي پوري ڪئي وئي ، ڇو جو ان سياسي آشيرواد حاصل هو، بدامني جي ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻا تمام گهڻا پريشان ۽ تنگ ٿي چڪا آهن، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي گهرجي ته انهن ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري ۽ شهرين توڙي ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جا آرڊر جاري ڪري جيئن ماڻهو سڪون سان پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن۔
مَي 7, 2025