وزيراعظم جو سروسز چيفس سان گڏ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو، وطن جي دفاع جو عزم ورجايو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس موجوده قومي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ دوران وزيراعظم کي اولهندي سرحد تي ڀارت جي جارحاڻن ۽ چڙڏياريندڙ حرڪتن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هن دوري ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءُ واري وزير خواجه آصف ۽ سروسز چيفس پڻ ساڻس گڏ هئا.
دوري دوران قيادت کي خطي جي سلامتي واري صورتحال، خطرن، روايتي فوجي تيارين، هائبرڊ وار فيئر جي حڪمت عملين ۽ دهشتگرد پراڪسيز جي حوالي سان تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي، خاص طور تي ڀارت جي وڌندڙ محاذ آرائي ۽ ان سان لاڳاپيل روايتي خطرن جي تناظر ۾ تيارين جو جائزو ورتو ويو.
پڌرائي موجب، وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ معزز شخصيتن قومي هوشياري، ادارن جي هم آهنگي ۽ آپريشنل تياري جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو اثرائتو ۽ فيصلائتو جواب ڏئي سگهجي.
وزيراعظم آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي مهارت ۽ حڪمت عمليءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي ادارو مشڪل حالتن ۾ به قومي مفادن جي تحفظ ۽ سلامتي سان لاڳاپيل فيصلن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهي، پاڪستان آرمي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پروفيشنل ۽ منظم فوجن مان هڪ آهي.
قومي قيادت وطن جي دفاع بابت پنهنجو غير مبهم عزم ورجايو ۽ خاطري ڪرائي ته قوم جي مڪمل حمايت سان پاڪستان جون هٿياربند فوجون، سڀني رياستي ادارن ۽ قومي طاقتن جي مدد سان ملڪ جي سلامتي، وقار ۽ عزت جي تحفظ لاءِ هر وقت مڪمل طور تي تيار آهن.