قومي سلامتي ڪميٽي پاڪ فوج کي ڀارتي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تي ڀارتي حملن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو.
اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي مرضي جي وقت، جاءِ ۽ انداز ۾ جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
پڌرائي موجب، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع ۾، معصوم شهرين جي جاني نقصان ۽ پنهنجي خودمختاري جي ڀڃڪڙيءَ پلاند وٺڻ لاءِ پنهنجي مرضي جي وقت، هنڌ ۽ انداز ۾ جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جڏهن ته پاڪ فوج کي ان سلسلي ۾ مناسب ڪارروائي ڪرڻ جو باظابطا اختيار ڏنو ويو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ”ڀارتي اڳرائيءَ تي ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ جو شڪار پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي بهادري، جرئت ۽ وطن جي دفاع ۾ سندن وقتائتي ڪارروائي کي ساراهي ٿي، قوم ڪنهن به قسم جو جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“
پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قدمن جي سنگيني کي تسليم ڪري ۽ ان کي بين الاقوامي اصولن ۽ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙين تي پڇاڻو ڪري.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان امن لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجائي ٿو ته هو ڪڏهن به پنهنجي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتيءَ جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏيندو ۽ نه ئي پنهنجي عوام کي ڪنهن نقصان جو شڪار ٿيڻ ڏيندو“