سڪرنڊ: ڀتو وصولي الزام تحت پوليس موبائيل گشت اسٽاف خلاف ايس ايس پي شبير سيٺار جي سخت ڪاروائي، چار اهلڪار لاڪپ
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايس.ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار تعلقه نواڀشاھ پوليس جي موبائل گشت اسٽاف خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڀتو وصول ڪرڻ جي الزام ۾ سسپينڊ ، لائن ڪلوز ۽ لاڪپ اپ ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڊي ايس پي سٽي نوابشاھ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو
جن اسٽاف خلاف ڪاروائي ڪري لاڪپ ڪيو ويو انهن ۾ اي ايس آئي اطهر علي چنه ، ڪانسٽيبل مصري خان ، ڪانسٽيبل ساجن علي ۽ ڪانسٽيبل آصف علي شامل آهن هوڏانهن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار ڪاروائي ڪرڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پوليس کاتي جو نالو بدنام ڪرڻ وارن کي ڪڏھن به بخش نه ڪيو ويندو اهڙا ماڻھو پوليس ۾ ڪارين رڍن جيان آهن
جن خلاف محڪمانه ڪاروائي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ جو جيڪڏھن پوليس جو معيار ڪريو ته عوام جو اعتماد کڄي ويندو ۽ اعتماد کڄڻ بعد پوليس جو وقار برقرار نه رهي سگهندو ان ڪري اهڙي ڪنهن به پوليس آفيسر يا اهلڪار کي برداشت نه ڪيو ويندو.
مَي 7, 2025