سکر: پيپلز پارٽي سٽي سکر جي صدر ۽ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل جي اڳواڻي ۾ ڀارتي جارحيت خلاف پيپلز پارٽي سٽي پاران احتجاج
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي سکر پاران ڀارتي جارحيت خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو سکر پريس ڪلب جي سامهون منعقد ٿيو. ان مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن، شهرين ۽ مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي. احتجاج جو مقصد ڀارت جي تازي اشتعال انگيزين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو.
احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي پيپلز پارٽي سٽي سکر جي صدر ۽ سکر جي ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل ڪئي، جڏهن ته هن سان گڏ جنرل سيڪريٽري حاجي احسان لاشاري ٽائون چيئرمين محمد دين آغا بشير ترين ليبر ايڊوائزر ٽو ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ عذره جمال ۽ ٻين مقامي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. مظاهري دوران شرڪتن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي علامتي پتلي کي منهن ڪارو ڪري باهه ڏني. ان موقعي تي ڀارت خلاف سخت نعرا هڻيا ويا ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ جذباتي نعرا پڻ لڳايا ويا.
ڊاڪٽر ارشد مغل مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت طرفان ٿيندڙ جارحاڻين حرڪتن جو جواب پوري قوم گڏجي ڏيندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ جي خودمختياري، جمهوريت ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ آواز اٿاريو آهي ۽ اڄ به اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺا آهيون.
جنرل سيڪريٽري حاجي احسان لاشاري چيو ته دشمن کي اهو واضع پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته پاڪستاني قوم هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جان جو نظرانو ڏيڻ کان به پوئتي نه هٽنداسين.
احتجاجي ريلي پرامن طريقي سان ختم ٿي، پر شرڪتن جو جوش ۽ جذبو ان ڳالهه جو ثبوت هو ته پاڪستاني قوم هر حالت ۾ پنهنجي ملڪ ۽ فوج سان گڏ بيٺل آهي. مظاهري دوران لاڳيتو نعرا هنيا ويا ته “جيئي پاڪستان”، “پاڪ فوج زنده باد” ۽ “ڀارت مرده باد”.
اهو مظاهرو نه صرف هڪ سياسي پارٽي جو احتجاج هو، پر اها قوم جي هڪتا ۽ جذبي جو اظهار پڻ هو.
مَي 7, 2025