سکر: شهيد صحافي جان محمد مهر جو مرڪزي قاتل پوليس مقابلي ۾ انجام تي – 210 ڏينهن جي احتجاجي جدوجهد رنگ لائي وئي
سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل شهيد صحافي جان محمد مهر جو مرڪزي قاتل شيرومهر کي شڪارپور پوليس مقابلي ۾ انجام تائين پهچايو۔جيڪا صحافين جي مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي،PFUJ، SUJ، سکر پريس ڪلب ۽ خاص طور تي لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي وئي.سکر پريس ڪلب جي صحافي دوستن جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳاتار 210 ڏينهن کان به وڌيڪ احتجاج جاري رکيو
جنهن سان تاريخ رقم ڪئي وئي.لالا اسد پٺاڻ جو عزم هو ته جيستائين قاتل گرفتار نه ٿا ٿين يا انجام تائين نه پهچن تيستائين هو چين سان نه ويهندو ۽ هن پنهنجو واعدو نڀايو.هيءَ ڪاميابي سموري صحافي برادري جي اتحاد، عزم ۽ بي مثال احتجاجي تحريڪ جو نتيجو آهي، جنهن جي مثال دنيا ۾ گهٽ ئي ملندي آهي.
لالا اسد پٺاڻ نه رڳو احتجاج جي ميدان ۾ قيادت ڪئي، پر هر فورم تي به هن ڪيس جي وڪالت ڪئي. سندس اڻٿڪ محنت بلند آواز ۽ مستقل مزاجي اهڙو دٻاءُ پيدا ڪيو، جو سموريون ايجنسين، فورسز ۽ پوليس کي ڪارروائي ڪري قاتل کي انجام تائين پهچائڻ تي مجبور ڪيو.شهيد جان محمد مهر جي قرباني ضايع نه وئي۔
مَي 7, 2025