سکر: بابر اعظم جلد سکر پريس ڪلب جو دورو ڪندو، لالا شهباز پٺاڻ سان خاص ملاقات دوران سنڌ واسين سان محبت جو اظهار
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب جي فنانس سيڪريٽري لالا شهباز پٺاڻ، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پشاور زلمي جي موجوده ڪپتان بابراعظم سان خاص ملاقات ڪئي۔
ان موقعي تي سنڌ واسين لاءِ بابر اعظم جي خدمتن ۽ راند جي ميدان ۾ سندس شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو۔ لالا شهباز خان پٺاڻ، بابر اعظم کي سکر پريس ڪلب اچڻ جي دعوت ڏني،
جيڪا هن قبول ڪري ورتي. بابر اعظم سنڌ واسين سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چيو ته هو جلد سکر پريس ڪلب جو دورو ڪندو۔ ڪرڪيٽ جي واڌاري ۽ صحافين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏني پئي وڃي۔ بابر اعظم جي سکر اچڻ سان مقامي ڪرڪيٽ پرستن ۾ وڏي خوشي ڇانيل آهي۔
سکر پريس ڪلب پاران بابر اعظم کي سندس ڪاميابين تي واڌايون ڏنيون ويون ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته هو پاڪستان سميت سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ مثالي ڪردار بڻيل رهندو۔
مَي 7, 2025