سکر: ايس ايس پي اظهر خان جي هدايتن تي منشيات ۽ جوا خلاف ڪارروائي، 6 جوابدار گرفتار، نقد رقم ۽ مواد هٿ
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن تي منشيات فروشن ۽ پرچي جوا خلاف مهم جاري آهي. گذريل ڏينهن دورانِ گشت پوليس هڪ منشيات فروش ۽ پنجن پرچي جوا ڊيلرن کي گرفتار ڪيو.ترجمان ايس ايس پي سکر موجب .ايس ايڇ او سنگرار ٿاڻو پاران منشيات فروش اختر حسين عرف بابو ولد اميرالدين کوسو، رهواسي غلام ڳوٺ کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي قبضي مان شراب جون 5 بوتلون هٿ ڪيون ويون.
جوابدار خلاف منشيات حد آرڊيننس جي شق 3/4 تحت ڪيس نمبر 10/2025 داخل ڪيو ويو آهي.اهڙي ريت اي سيڪشن پوليس ٽانگا اسٽينڊ، ڍڪ روڊ تي ڇاپو هڻي 5 آڪڙا پرچي ڊيلرن محمد مقيم راجپوت، نصرالله شيخ، اسلم راجپوت، شبير ڪلوڙ، ۽ ڦول جي ولد فوجو ذات سوچي کي گرفتار ڪيو ويو.
انهن جي قبضي مان هزارين رپيا نقد رقم، آڪڙا پرچي جون رسيد بڪون ۽ موبائيل فون هٿ ڪيا ويا. سندن خلاف جوا ايڪٽ شق 5-A، 294-A، 294-B تحت ڪيس نمبر 136/25 داخل ڪيو ويو آهي.
مَي 7, 2025