سيٺارجا: ڳوٺ گل خان لنڊ جي رهواسي پاران ڀائرن خلاف احتجاج – والد جي زمين هٿائڻ ۽ ڌمڪين جو الزام

Spread the love

سيٺارجا (رپورٽ: رمضان منگي ) سيٺارجا لڳ ڳوٺ گل خان لنڊ جي رهواسي جو پنهنجي ڀائرن خلاف احتجاج . والد جي زمين ريونيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي نالي ڪرائڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام .انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر . تفصيلي خبر موجب سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ گل خان لنڊ جي رهواسي محرم علي لنڊ سٽي پريس ڪلب سيٺارجا پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سندن والد گل خان لنڊ مرحوم جي زرعي زمين جو ڀائرن علي گل . محمد بچل . علي گوهر ريونيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري فوتي کاتو تبديل ڪري مون سميت ڀينرن جي حصي ڏيڻ بدران سموري زمين پنهنجي نالن تي ڪرائي ڇڏي آهي . جنهن عمل خلاف عدالت سڳوري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي

 جنهن بعد مون کي ۽ حصو گهرندڙ ڀينرن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڀائرن ۽ محبوب علي پاران مختلف ماڻهن معرفت ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي .

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو