روهت شرما وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر روهت شرما ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
روهت شرما سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڊگهي فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ڀارتي ڪرڪيٽ پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن م لکيو ته ” هيلو! مان رڳو اِهو چوڻ چاهيان ٿو ته مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي رهيو آهيان.“
هن چيو ته ” ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي مُلڪ جي نمائندگي اعزاز سمجهان ٿو، ورهين کان ملندڙ پيار ۽ حمايت تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، ڀارت لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ جاري رکندس.“
واضح رهي ته روهت شرما گذريل سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڀارت کي ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ کانپوءِ مختصر فارميٽ تان به رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي.
روهت شرما ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو نيوزيلينڊ هٿان گهرو سيريز ۾ وائيٽ واش ۽ گذريل سال جي آخر ۾ بارڊر گواسڪر ٽرافي ۾ آسٽريليا خلاف 3-1 تان سيريز هارائڻ کانپوءِ ڪيو ويو.
ڀارت ۾ هن وقت آءِ پي ايل جا مقابلا جاري آهن، جڏهن ته سليڪٽرن روهت شرما جي جاءِ تي ڪنهن نوجوان رانديگرن کي ٽيم جون واڳون سونپڻ چاهين ٿا.
نائب ڪپتان جسپريت بمرا کي به ورڪ لوڊ ۽ انجري سبب قيادت واري ذميواريءَ مان آجو ڪرڻ امڪان آهي، جڏهن ته نوجوان بيٽر شُڀمَن گِل ۽ وڪيٽ ڪيپر رشڀ پنت جا نالا نائب ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون آيا آهن.
ذريعن موجب، سليڪٽر ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027ع کي نظر ۾ رکندي ٽيم جي قيادت ڪنهن نوجوان رانديگر کي سونپڻ نوجوان جا حامي آهن.
ان کانسواءِ اڳوڻو ڪپتان سنيل گواسڪر به ٽيم ۾ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ زور ڏنو آهي.
انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز 20 جون تي هيڊنگلي ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته آخري ٽيسٽ 4 آگسٽ تي دي اوول ۾ کيڏي ويندي.
ڀارتي ٽيم جو باظابطا اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو ۽ قيادت ۾ ڦيرڦار سان ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويندي.