”رافيل جي تڪبر ۾ وڪوڙيل ڀارت کي اثرائتو جواب ڏنو، احتياط ڪيو نه ته ڏهه جهاز به ڪِيرائي سگهون پيا“

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته رافيل جهازن جي تڪبر ۾ وڪوڙيل ڀارت کي اثرائتو جواب ڏنو ويو، جيڪي چوندا هئا ته پاڪستاني روايتي جنگ ۾ پوئتي آهي، اُهي گذريل رات پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ سمجهي ويا هوندا، احتياط ڪيو نه ته ڏهه جهاز به ڪيرائي سگهون پيا.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته دشمن رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪ فوج ڀارت جي بزدلاڻي حملي جو وقتائتو ۽ اثرائتو جواب ڏنو.
هن چيو ته ڪالعدم بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا.
هن چيو ته ڀارت ان دوست ملڪ جي سفير کي سڏائي ڊيمارش ڪيو جنهن اسان جي آڇ جي حمايت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته 24 ڪروڙ عوام کي مبارڪون ڏيان ٿو ته اسان جي فوج چويهه ڪلاڪ تيار هئي، ڀارت جعفر ايڪسپريس حملي جي مذمت نه ڪئي ۽ ڀارت ۾ ان واقعي تي ٺٺوليون ڪيون ويون.
هن وڌيڪ چيو ته مان مخالف ڌر جي چيمبر ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ سميت سڀني کي چوان ٿو ته پاڪستان کي عظيم بڻايو ۽ دنيا کي ڏيکارڻو آهي ته اسان هڪ آهيون.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو