دادو: واھي پانڌي جوھي روڊ تي خوفناڪ حادثو، 4 ڄڻا فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي، هڪ ٻارڙي جي حالت نازڪ

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) واھي پانڌي جوھي روڊ تي خطرناڪ روڊ حادثي ۾ 4 فوت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ھڪ ٻارڙي جي حالت نازڪ جوھي اسپتال مان سيوھڻ سيد عبدالله انسٽيٽيوٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو، خبر موجب: واھي پانڌي وايا جوھي روڊ تي بکر شھيد وٽ ٽريڪٽر ٽريالي ۽ لوڊر رڪشا وچ ۾ خطرناڪ ٽڪر ٿي پيو

نتيجي ۾ نينگري نماڻي، مسمات فاطمه بوزدار، مير ھزار خان بوزدار ۽ عضلان سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويا،

 لاش ۽ زخمين کي جوھي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته 15 کان وڏيڪ زخمي ٿي پيا جن ۾ مسمات پٺاڻي، نبابي، فاطمه، ريشمان، نماڻي، قربان ۽ ٻيا شامل آهن

جڏهن ته ھڪ ٻارڙي نماڻي کي نازڪ حالت ۾ جوھي کان سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي وئي آهي، جنھن جي حالت انتھائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته باقي زخمين کي جوهي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا 3 ميتون گهر پهچڻ تي قھرام مچي ويو،

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو