بلوچستان ۾ دهشتگردن جو حملو، ست سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي بولان جي علائقي مڇ ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي سهولتڪار بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي دهشتگردن مڇ واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي آءِ اي ڊي ذريعي نشانو بڻايو.
شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ صوبيدار عمر فاروق، نائيڪ آصف خان، نائيڪ مشڪور علي، سپاهي طارق نواز، سپاهي واجد احمد فيض، سپاهي محمد عاصم ۽ سپاهي محمد ڪاشف خان شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي بزدلاڻي ۽ سنگين ڪارروائي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نشانو بڻائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني سرزمين تي سرگرم ڀارت ۽ سندس سهولتڪار دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويندا.
بهادر سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ غيرت مند قوم دشمنن جي هر سازش جو ڀرپور جواب ڏيندي.

مَي 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو