انڊسٽريءَ ۾ مون کي ڪڏهن سڪون نه مليو: ناليواري اداڪارا جو شوبز ڇڏڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بگ باس 17 ذريعي شهرت ماڻيندڙ هندي ۽ تيلگو فلمن جي اداڪارا سونيا بنسال اداڪاري ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سونيا بنسال موجب انڊسٽري مون کي سڪون نه ڏنو، اها انتهائي اونداهيءَ واري جاءِ آهي.
تازو ڀارتي ميڊيا کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندي هن چيو ته مان هاڻ پاڻ کي دريافت ڪرڻ جي رستي تي هلڻ چاهيان ٿي.
آگرا سان واسطو رکندڙ 28 ورهين جي اداڪارا چيو ته انڊسٽري مون کي سڃاڻپ ۽ شهرت ڏني پر مون کي ڪڏهن به حقيقي سڪون نه مليو، ڪاميابي پويان پڄندي مان پاڻ کي وڃائي ڇڏيو، ڪڏهن ڪڏهن اسان ٻين لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي پاڻ کي وساري ويهندا آهيون.
سونيا بنسال موجب مان محسوس ڪيو ته اهو به نٿي ڄاڻان ته منهنجو اصل مقصد ڇا آهي، پاڻ مڃرائڻ ۽ وڌيڪ ڪمائڻ جي ان ڊوڙ ۾ مان پاڻ کي ئي وڃائي ڇڏيو.