مٺي: ٿرپارڪر پوليس جون منشيات ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائيون، 5 جوابدار گرفتار، شراب، چرس، گٽڪو ۽ هٿيار هٿ

مٺي (ڊ-ر) ٿرپارڪر پوليس طرفان منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي، 5 جوابدار گرفتار، 550 سفينا گٽڪو، 100 گرام چرس ۽ 110 ليٽر شراب (ٺرو) هٿ، ڪيس داخل. تفصيل موجب: ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ جي حڪم تي ضلعي ڀر ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون جاري آھن. پوليس ٿاڻو وڄوٽو، ايس ايڇ او وڄوٽو اسٽاف سميت شراب جي بٺي تي ڇاپو هنيو.
جوابدار ویرم ولد عارب ڀيل رهواسي ارباب خان صاحب ڪالوني گرفتار ڪيو ويو. جوابدار وٽان 100 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو جوابدار خلاف وڄوٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس ٿاڻو وڄوٽو، ايس ايڇ او وڄوٽو اسٽاف سميت چيڪنگ دوران 2 جوابدار، تاراجي ولد ننگر ڀيل رهواسي حمزه خان لغاري جھڏو ۽ ڪانجي ولد ڏيوو رهواسي ويراواه ننگرپارڪر گرفتار ڪيا ويا
سندن قبضي مان 10 ليٽر شراب ۽ 100 گرام چرس هٿ آيو ٻنهي جوابدارن خلاف وڄوٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ٿاڻو ڏيپلو، ايس ايڇ او ڏيپلو اسٽاف سميت چيڪنگ دوران جوابدار عبدالله ولد علي محمد لنڊ رهواسي ڪلوئي کي گرفتار ڪيو جوابدار جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ 3 رائونڊ هٿ آيا
جوابدار خلاف ڏيپلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ٿاڻو جهن، ايس ايڇ او جهن اسٽاف سميت چيڪنگ دوران جوابدار رائسنگھ ولد سروپو ٺڪر رهواسي ناٿڙو کي گرفتار ڪيو. سندس قبضي مان 550 سفينا گٽڪا هٿ آيون جوابدار خلاف جهن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ سڀني ايس ايڇ او ۽ پوليس ٽيمن کي بهتر ڪارڪردگي تي شاباش ڏني.
مَي 7, 2025