ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ اڏاوتون ڪيون ته اُهي تباهه ڪري ڇڏينداسين: خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ اڏاوتون ڪيون ته اسان اهي تباهه ڪري ڇڏينداسين، ڀارت تان ٽڪراءُ اڻٽر ٿي ويو آهي، ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت طرفان جارحيت جو امڪان آهي، ڀارت سان ٽڪراءُ اڻٽر ٿي ويو آهي، ڪنهن وقت به ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ڀارتي حڪمرانن پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ۾ ئي ٻڏي مرندا، ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ اڏاوتون ڪيون ته اسان اهي تباهه ڪري ڇڏينداسين.

مَي 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو