ڪراچي ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ سومر جي شام تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب اولهه لهر ملڪ جي مٿانهن ۽ وچين حصن کي متاثر ڪري رهي آهي، سومر ڏينهن ڪراچي ۾ موسم گرم رهندي، جڏهن ته شام جو تيز هوائون گهلڻ ۽ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڄامشوري، ٽنڊي محمد خان، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، نوشهري فيروز، سانگهڙ، خيرپور، گهوٽڪي، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ به ڪجهه هنڌن تي آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.