واپار واري وزارت جو وڏو قدم، ڀارتي شين جا پاڪستان مان زميني، فضائي ۽ سامونڊي لنگهه بند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپار واري وزارت وڏو قدم کڻندي ڀارتي شين جو پاڪستان مان زميني، فضائي ۽ سامونڊي لنگهه بند ڪري ڇڏيو.
قومي سلامتي ۽ عوامي مفاد کي ڏسندي ڀارتي شين جي پاڪستاني حدن مان پهچ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڀارت ۾ تيار ٿيندڙ شين جي ٽئين ملڪ ذريعي پاڪستاني سمنڊ، زمين ۽ فضائي رستي مان گذرڻ تي به پابندي مڙهي آهي.