ملير : ابراهيم حيدري ۾ ماحولياتي آلودگي خلاف احتجاجي ريلي، نوجوانن ساِئيڪلن تي سوار ٿي شعور وڌايو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ابراهيم حيدري ۾ ماحولياتي آلودگي خلاف پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ريلي، احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، نوجوانن ساِئيڪلن تي سوار ٿي شرڪت ڪئي، ماحولياتي آلودگي ختم ڪريو مهاڻن جو روزگار بچايو جا نعرا، آلودگي سامونڊي جيوت کي ڪاپاري ڌڪ رسائي رهي آهي
ايل اين جي ۽ فوسيل فيول عذاب ٻڻجي وئي آهي جنهن سبب مختلف مرضن منهن ڪڍيو آهي روزگار بچائڻ لاءِ اسان کي مجبورن سولر انرجی ۽ ونڊانرجي طرف وڇڻو پوندو، اڳواڻ تفصيل موجب ابراهيم حيدري ۾ ماحولياتي آلودگي خلاف پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان سوين مهاڻن فاطمه مجید ، سعید بلوچ ، مجید موٹاڻي ، ایوب شان خاصخیلي ، طالب ڪچھی ، رقعہ عثمان ، چشما گوٹھ مان شبیر خاصخیلي ، بابو صدیق خاصخیلي، جاوید خاصخیلی ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چشما ڳوٺ پمپ کان ريلي ڪڍي ڪورنگي فش هاربر وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ريلي ۾ چشما ڳوٺ ۽ ريڙهي جي پرجوش نوجوانن سائيڪلن تي سوار ٿي ريلي ۾ شرڪت ڪئي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي ماحولي آلودگي ختم ڪريو مهاڻن جو روزگار بچايو جا نعرا هڻي رهيا هئا
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ماحولياتي آلودگي، ايل اين جي ۽ فوسيل فيول علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ ساموندي جيوت جي تباهي سبب مهاڻن جي روزگار کي نقصان ٿي رهيو آهي هجن چيو ته لاڳاپيل ادارن کي لکت ۾ درخواستون ڪيون آهن پر ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي ماحولياتي آلودگي ۾ اضافي سبب مختلف مرضن م منهن ڪڍيو آهي هنن چيو ته روزگار بچائڻ لاءِ اسان کي مجبورن سولر انرجی ۽ ونڊانرجي طرف وڃي روزگار بچائي سگهجي ٿو.
مَي 4, 2025