عمرڪوٽ: گٽر واري نالي صاف ڪندي فوت ٿيندڙ نوجوانن جي وارثن سان تعزيت، ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو پاران سنڌ حڪومت سان مالي سهائيت جي يقين دہاني
ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) عمرڪوٽ ۾ بند ٿيل گٽر واري نالي صاف ڪندي ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويل ٻن نوجوانن سورج ڪمار ۽ راج ڪمار جي وارثن سان ڏک ونڊن جو سلسلو جاري آھي
ڪالھ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي وائيس چيئرمين ميمبر ٿرڪول اينرجي بورڊ ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو فوتين جي وارثن سان سندن تڏي تي پھچي تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو جڏهن ته سنڌ حڪومت سان مالي سھائيتا جي يقين دھاني ڪرائي
ان موقعي تي سماجي اڳواڻ انجنئير ڪنھيا موھن لال رتناڻي، ڪامريڊ يوسف نھڙي، ڪرشن لال بجير سميت ٻيا پڻ موجود ھئا جنهن بعد ڪنور ڪرني سنگھ پاران عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ پڻ مختلف برادرين ۾ تعزيتون ڪيون.
مَي 4, 2025