سڪرنڊ: منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون تي زور، بهتر ڪارڪردگي تي انعام ۽ خراب ڪارڪردگي تي سزا – ايس ايس پي شبير احمد سيٺار
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار جي صدارت هيٺ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ڊي پي اوز ، ايس ايڇ اوز ، هيڊ محررن ۽ انچارجز جي گڏيل گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي آفيسرن کي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪمن جي روشني ۾ کين چيو ته منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون سخت ڪيو وڃي نارڪوٽيڪس ، ڊيلرن ، آئيس ، چرس ، شراب . گٽڪو ۽ سوپاريون کپائيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي
هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته ڳوٺن ۽ تعليمي ادارن ٻاهران منشيات جي واهپي ۽ وڪري تي ڪڙي نظر رکي وڃي سمورا ڊي ايس پي ايز منشيات معاملي جي پاڻ نگراني ڪن ڇاڪاڻ جو منشيات جي استعمال سان معاشرو تباهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي منشيات فروشن خلاف پڪا ثبوت هٿ ڪري کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي
ايس ايس پي شبير احمد سيٺار گڏجاڻيءَ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته منشيات فروشن خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي انعام ڏنا ويندا ۽ غير تسلي بخش ڪارڪردگي وارن پوليس آفيسرن کي ڊسمس فرام سروس ، محڪمانه ۽ قانوني ڪاروائي تحت سزا ڏني ويندي ۽ جيڪڏھن ڪنهن پوليس آفيسر يا اهلڪار کي منشيات فروشي ۾ سڌي طرح يا اڻ سڌي طر ڏٺو ويو ته ان خلاف پوليس قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي .
مَي 4, 2025