سڪرنڊ: آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جو اجلاس، نون عهديدارن جو چونڊڻ ۽ ڪلرڪن جا مسئلا حل ڪرڻ جا عزم

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئشن جو اهم اجلاس تعلقـي ايجوڪيشن آفيس سڪرنڊ ۾ ضلعي صدر عرض محمد چانڊيو ـ  جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو  اجلاس ۾ سينئير ڪلارڪ حاجي مراد علي ملاح سميت  مختلف کاتن جي ڪلارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۔ اجلاس ۾ ايپڪا  تعلقـي سڪرنڊ  لاء مطفقه راء سان عھديدار چونڊيا ويا جنھن ۾ ايپڪا تعلقي سڪرنڊ لاء صدر ڌڻي بخش ملاح ـ نائب صدر  امام بخش سيال ۔  محمد ھارون ڪيريو ۔  محراب ڪيريو ـ گل محمد جمالي ـ

جنرل سيڪريٽري علي انور ڪيريو ۔ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري  سجاد علي لغاري ـ  جوائنٽ سيڪريٽري  سوڍو خان کوسو  ـ فناس سيڪريٽري ذوالفقارعلي مگسي ـ پريس سيڪريٽري صابن ملاح ـ آفيس سيڪريٽري ـ سيد ثابت علي شاھ ـ چونڊيا ويا ۔

 ان موقعي تي ايپڪا تعلقي سڪرنڊ جي صدر ڌڻي بخش ملاح خطاب ڪندي چيو ته مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ  ڪلرڪن جا جائز مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

 ان موقعي تي لوئر اسٽاف ايجوڪيشن سڪرنڊ جي اڳواڻن امتياز ڪيريو ۔ عزيز لاکو ۔ شاھد ملاح ۽ ٻين ايپڪا سڪرنڊ جي عھديدارن کي گلن جا ھار پرائي مبارڪون ڏنيون ۔

مَي 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو