دادو: پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن تي احتجاج جاري، ريلوي ٽريڪ جي بحالي ۽ مرمت لاءِ سيتا سرجڻھار فورم جي جدوجهد
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن تي احتجاج، 833 ھين ڏينهن به جاري،سيتا سرجڻھارفورم پاران ايم ايل ٽو ريلوي ٽريڪ سنڌ تي رھيل ٽرينن جي بحالي ۽ ٽريڪ جي مرمت لاءِ 22 جنوري 2023ع کان روزاني ھلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ ننڍين وڏين ريلوي اسٽيشنن تي علامتي بک ھڙتالون ڳوٺن کان شھرن تائين پيادل مارچ سميت سيتاروڊ ۾ روزاني ھلندڙ جدوجهد کي جاري رکندي فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ ۽ منير احمد سمون جي اڳواڻي ۾ پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن تي اڳواڻن گڊو مڱڻھار، غلام حسين پنھور، فدا حسين چانڊيو، احمد خان چانڊيو، محمد علي قريشي پير رياض، ضمير سنڌي، وحيد ڀرڳڙي، ممتاز علي سولنگي، تنوير پاٽائي، سليم ملڪ، منٺار لھٻر، شاھد حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي،
ان موقعي تي سيتا سرجڻھار فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ چيو ته ايم ايل ٽو سنڌ ۾ ھلندڙ موھن جو دڙو اپ ڊائون ۾ 10 بوگيون ھلايون وڃن، موھن جو دڙو اپ ڊائون ۾ ٽريڪر سسٽم لڳايو وڃي،
بولان ميل جو ٻيو ريڪ بحال ڪري روزاني بنياد تي ھلائي وڃي، موھن جو دڙو اپ ڊائون، بولان ميل ۽ خوشحال خٽڪ ۾ پوليس اهلڪار سفر ڪندڙن کان پئسا وٺي بغير ٽڪيٽ سفر ڪرائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، ڪشمور کان جيڪب آباد ۽ حبيب ڪوٽ کان دادو تائين ريلوي ٽريڪ جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن مسافر پنهنجي منزل تي وقت سر پھچي سگهن،
مَي 4, 2025