ايمان علي جي ماءُ اداڪارا حميرا عابد لاڏاڻو ڪري وئي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي جي ماءُ سينيئر اداڪارا حميرا عابد لاڏاڻو ڪري وئي.
حميرا عابد هڪ ناليواري اداڪارا رهي، جنهن پي ٽي وي جي دور ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.
ان ئي دوران سندس ملاقات اداڪار عابد علي سان ٿي ۽ ٻنهي شادي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي ٽن ڌيئرن جي پرورش ۾ وقت گذاريو.
اداڪارا حميرا عابد گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري وئي، لاڏاڻي جي خبر سندس ڌيءُ گلوڪارا رحمه علي سوشل ميڊيا تي ڏني.
واضح رهي ته ناليوارو ٽي وي اداڪار عابد علي 2019 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

مَي 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو