ابراهيم حيدري ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف احتجاج، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) ابراهيم حيدري واسين جي صبر جا بند ٽٽي پيا، قهر جهڙي گرمي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف احتجاج، سخت نعريبازي، هفتي کان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بدمعاشي شروع ڪري ڏني آهي چوويهه ڪلاڪن مان مشڪل سان چار ڪلاڪ بجلي هلي ٿي ۽ هٿ ٺوڪيا بل موڪليا وڃن ٿا، غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري مناسب بل موڪليا وڃن،
عمران ڪڇي، جميل ڪڇي ۽ ٻين جو مطالبو، تفصيل موجب ابراهيم حيدري جا رهواسي قهر جهڙي گرمي ۾ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پاران غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل موڪلڻ خلاف احتجاج ڪندا گهرن مان نڪري آيا، هنن عمران ڪڇي، جميل ڪڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عمر ڪالوني کان مين واٽر پمپ جي روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سخت نعريبازي ڪئي،
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هفتي کان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا عجيب قسم جي بدمعاشي شروع ڪري ڏني آهي، هنن چيو ته چوويهه ڪلاڪن مان مشڪل سان چار ڪلاڪ بجلي هلي ٿي جنهن سبب قهر جهڙي گرمي ۾ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ آهن،
بجلي تي هلندڙ سمورا ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن، ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پنهنجي مرضي سان هٿ ٺوڪيا بل موڪلي رهي آهي جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري مناسب بل موڪليا وڃن جئين ابراهيم حيدري جا رهواسي سک جو ساهه کڻي سگهن.
مَي 4, 2025