هانيا عامر جو ڀارتي ميڊيا کي منهن ٽوڙ جواب، سڀ پول پڌرا ڪري ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا هانيه عامر ڀارتي ميڊيا طرفان ساڻس منسوب ڪيل ڪوڙن بيانن کي سختي سان رد ڪندي هڪ عوامي بيان جاري ڪيو آهي.
هانيه عامر چيو ته جيڪي بيان ڀارتي ميڊيا تي سندس نالي سان هلي رهيا آهن انهن جو حقيقت ڪو واسطو ناهي.
هنن چيو ته هن ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي جنهن سان نفرت يا غلط فهمي پيدا ٿئي.
هانيه عامر مداحن کان درخواست ڪئي ته هو رڳو تصديقي معلومات تي اعتماد ڪن ۽ غير تصديقي خبرن کان پاسو ڪن.
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ هانيه عامر بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن جو اداڪارا واضح لفظن ۾ جواب ڏنو آهي .