شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ ۾ انٽر ڊپارٽمينٽل کوئيز ۽ مباحثي جا مقابلا، شاگردن جي شاندار شرڪت

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد ۾ نصابي سرگرمين جي حوالي سان وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ جي ھدايتن موجب انٽر ڊپارٽمينٽل کوئيز ۽ مباحثي جي مقابلن جو انعقاد ڪريو ويو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ يونيورسٽيءَ جي 14 ئي شعبن ڀرپور حصو ورتو. ان سلسلي ۾ ھر شعبي طرفان ڪوئيز لاءِ ٻن، جڏهن ته انگريزي ۽ سنڌي/اردو مباحثي لاءِ به ٻن ٻن شاگردن شرڪت ڪئي.

 پروگرام کي سجائيندڙن پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، ڊاڪٽر تانيا لغاري، جنيد جلباڻي، عبدالجبار بروهي، ڊاڪٽر وحيد علي ٽالپر، شعيب کھوڙو،  سيدہ سپنا شاهه ۽ ٻين موجب مقابلن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور نموني شرڪت ڪندي ڪوئيز مقابلن ۾ پهريون نمبر انفارميشن  ڊپارٽمينٽ، ٻيو نمبر ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ حاصل ڪيو،

 جڏھن ته انگريزي مباحثي ۾  پهريون نمبر ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ  ۽ ٻئي نمبر تي انگريزي ڊپارٽمينٽ ڪامياب ٿيا.  انھي تسلسل ۾ اردو/سنڌي مباحثي وارن مقابلن ۾ پهريون نمبر بزنس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻئي نمبر تي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ رھيو.

پھرين نمبر کي 10000 ٻئي نمبر کي 5000 ھزار روپيا ڪيش ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ھن قسم جي سرگرمين سان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مقابلي ڪرڻ واري صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو.

ھن يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ شاگرد ھڪ بھترين ٽيم جي حيثيت ۾ جيڪي ڪوششون ڪري رھيا آھن اھي ساراھ جوڳيون آھن ۽ اميد ڪيان ٿو مستقبل ۾ اھڙي قسم جون نصابي سرگرميون ڪري ھن يونيورسٽيءَ بين الاقوامي سطح تي مڃايو ويندو.

مَي 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو