سکر: چيمبر آف ڪامرس جي تجويز – صارف قيمتن ۾ گهٽ واڌ جو خيرمقدم، شرحن کي 8 سيڪڙو ڪرڻ ۽ بجلي 26 رپيا في يونٽ تي آڻڻ جو مطالبو
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ )سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر محمد خالد ڪاڪيزئي، سينيئر نائب صدر امِت ڪمار، نائب صدر محمد اويس رئيس ملڪ ۽ ٻين نمائندن صارف قيمت انڊيڪس (CPI) جي سالياني 0.3 سيڪڙو اضافي تي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ FPCCI ۽ UBG پاران پيش ڪيل تجويزن جي حمايت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته شرحن کي 12 سيڪڙو مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻي ان کي 26 رپيا في ڪلو واٽ ڪلاڪ تائين آندو وڃي ته جيئن SMEز ۽ علائقائي صنعتن کي هٿي ملي، جنهن سان ملڪ جي معيشت ۾ واڌارو اچي سگهي ٿو.
هنن چيو ته شرحن ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو، ڇاڪاڻتہ سيڙپڪار پنهنجو پئسو بينڪن ۾ رکڻ جي بدران ڪاروبار ۾ لڳائڻ کي ترجيح ڏيندا، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌارو ٿيندو.
هنن وڌيڪ چيو ته بجليءَ جي بل جي ادائيگي دوران ملازمت پيشه ۽ ڪاروباري طبقي جي آمدنيءَ جو وڏو حصو خرچ ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ٿو وڃي ته IPPs (خانگي پاور پلانٽس) کي ادا ٿيندڙ اضافي رقم بند ڪئي وڃي ۽ متبادل ذريعن مان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ مثبت قدم کنيا وڃن.
مَي 3, 2025