سکر: پوليس جون ڪارروايون، آڪڙا پرچي جي اڏن تي ڇاپا – 7 جوابدار گرفتار، رقم، بوڪس ۽ منشيات هٿ، ڪيترائي ڪيس داخل
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر اظھر خان جي حڪمن ۽ خاص ھدايتن تي ايس ايڇ او بي سيڪشن آڪڙا پرچي جي اڏي تي ڇاپو هڻي 6 جوابدارن، جن ۾ عبدالواجد شاهه، محمد سني پٺاڻ، ارشد عباسي، سلمان قريشي، سخاوت شيخ ۽ غلام محمد سومرو شامل آهن، کي گرفتار ڪري 2150 رپيا روڪ رقم ۽ آڪڙا پرچي بوڪس هٿ ڪري 5 جوا ايڪٽ تحت ڪيس نمبر 73/2025 داخل ڪيو آهي۔
اهڙيءَ طرح پنوعاقل ٿاڻو پوليس به آڪڙا پرچي جوا جي هڪ اڏي تي ڇاپو هڻي زبير احمد ولد هزارو چاچڙ رهاڪو عنایت ڳوٺ پنوعاقل کي گرفتار ڪري، قلم 294A، 294B ۽ 5A جوا ايڪٽ تحت ڪيس نمبر 73/2025 داخل ڪيو آهي۔
جڏهن ته ايس ايڇ او ٿاڻو روهڙي هڪ جوابدار حب علي جاڳيراڻي کي گرفتار ڪري 24 گرام چرس هٿ ڪئي آهي، جنهن خلاف سي اين ايس اي جي دفعه 9A تحت ڪيس نمبر 101/2025 داخل ڪيو ويو آهي۔
مَي 3, 2025