گووندا ۽ سُنيتا ۾ طلاق ٿي وئي؟

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آهوجا جي ازدواجي زندگي کي 40 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، پر ڪجهه مهينا اڳ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق جون افواهون سامهون آيون هيون، جن مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
واضح رهي ته بالي ووڊ اداڪار گووندا ۽ سنيتا اهڙي قسم جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي چڪا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سنيتا آهوجا هڪ بيان ۾ چيو ته ”طلاق جون خبرون ڦهلائڻ وارن کي مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو، مان اڄ اهو چوڻ چاهيان ٿي، جنهن بابت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي.“
سنيتا آهوجا چيو ته ”مان اڄ اها ڳالهه ڪري رهي آهيان، جنهن کانپوءِ طلاق جون افواهون ڦهلائيندڙن ۾ ٿرٿلو مچي ويندو، اسان جو رشتو اڄ به قائم ۽ مضبوط آهي ۽ جيڪڏهن گووندا کي سڀ کان وڌيڪ ڪو کلائيندو آهي ته اها مان ئي آهيان.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”نمبر ون ڪاميڊي هيرو کي کلائڻ ڪو آسان ڪم ناهي، پر اسان جو رشتو ايترو خوشگوار آهي جو مون لاءِ اهو ٽاسڪ به آسان بڻجي ويو آهي.“