ڪئنال مخالف تحريڪ: سنڌ کان ڇا سکي سگھجي ٿو ؟

Spread the love

عابد مير

سنڌ جي تازي سياسي تحرڪ ۽ تحريڪ مان گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو. اهو هڪ زبردست عوامي اڀار هو. اسان وٽ پڻ گذريل ڪجهه سالن کان اهڙي عوامي لهر  اڀرندي ۽ لھندي  رهي آهي، پر سنڌ جي سياسي اُڀار ۾ ڪجهه اهڙا  عنصر آهن جيڪي  خطي جي ٻين سياسي تحريڪن کان بنھھ مختلف آهن. اسين چاهيون ته انهن کان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا.

(1) نسلي نھ، قومي سڃاڻپ:

پاڪستان ۾ جيتريون قوم پرست تنظيمون يا تحريڪون آھن.انھن جو بنياد نسلي تعارف  تي ٻڌل آهن. دنيا ۾ نسلي سڃاڻپ ختم ٿي چڪي آهي، پر هن خطي ۾ اهو اڃا تائين فخر ۽ تحقير جو ذريعو بھ آھي ۽ سياست جو محور بھ. سنڌ جي تحريڪ کي اھو اعزاز حاصل آھي تھ نسلي سڃاڻپ جي پردي کي لاھي ڦٽو ڪيو آھي.ايتري تائين جو زبان يا ٻولي کي به رڪاوٽ  بڻجڻ نھ ڏنو. ھونئن تھ، زرداري، مگسي، چانڊيا سڀ نسلي طور  بلوچ آهن، پر انهن سنڌي قومي سڃاڻپ کي قبول ڪيو آهي. هاڻي، تازي تحريڪ جو روح روان  هڪ پنجاب جي نسل جو “وڙائچ” رهيو . ان مان، اھو سکي سگهجي ٿو تھ قومي سڃاڻپ ۾ نسل ۽ ٻولي اڻ لاڳاپيل  ٿي ويندا آهن. جيڪو  ڌرتيءَ کي پنهنجو وطن مڃي ٿو ۽وطن واسين جي دکن سورن ۾ انھن سان گڏ بيٺو آهي، اهو وطن جو اولاد آهي.چاھي سندس نسل ڪهڙو به هجي، ٻولي ڪهڙي به هجي.

(2) پرامن شهري تحريڪ ڪيئن هلائي وڃي؟ :

 پاڪستان ۾ به ُپرامن شهري تحريڪن جو تجربو اڳ بھ رهيو آهي. اسان جي خطي ۾ بھ  تازو اڀار ڏسي سگهجي ٿو. پر اسين جينياتي طور تي “واريئر مزاج” (يعني ويڙھاڪ يا جنگجو مزاج )رکندڙ ماڻهون آهيون، تنهنڪري اسين ڪٿي نه ڪٿي تشدد کي گوريفائي ڪندا آھيون ۽ موقعو ملندي ئي ان  جو اظهار پڻ ڪندا آھيون. ٻيو نھ تھ، اسان جي روين ۾ ان جي جھلڪ اچي ئي ويندي آھي.سنڌ باقاعدي  عملي طور تي ثابت ڪيو ته جيڪڏهن توهان شهري حقن جي عوامي تحريڪ هلائڻ چاهيو ٿا، ته ان جو ُ پرامن هجڻ ڪيتري قدر ضروري آهي ۽ هجوم ھئڻ جي باجود، تشدد جي سڀني طريقن جي موجودگي جي باوجود ان کي ڪيئن ُپرامن رکڻو آھي.ٻن ھفتن تائين لڳاتار ڌرڻو جاري رھڻ ۽ ان ۾ ڪنھن قسم جو تشدد نھ ھئڻ.ھن دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ  هڪ نئون مثال آهي ۽ شهري حقن جي جدوجهد جو هڪ قابل تعريف ۽ تقليد ڪرڻ جوڳو  مثال آهي.

(4) شهري حق، آئيني جدوجهد آهي: 

توهان کي رياست کان ۽ رياستي ادارن کان،چاھي ڪيتري بھ شڪايت ھجي، توهان انهن تي ڪيترا به سخت تنقيد ڪندڙ ھجو،پر جيڪڏهن توهان شهري حق( سوڪ موومنٽ) چاهيو ٿا، ته توهان کي ھر صورت  آئين جي حدن ۾ رهڻو پوندو. توهان کي آئيني حقن جو آواز بار بار ورجائڻو  پوندو. پاڪستان جي آئين  تي رتيءَ برابر بھ عمل نھ ٿيندو ھجي پر اھو شهري حقن جو هڪ طاقتور دستاويز آهي. آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ  ادارن کي ان ئي آئيني جدوجھد ذريعي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. تنهن ڪري، شهري جدوجهد کي ھر صورت ۾ هڪ آئيني جدوجهد هجڻ گهرجي.

(4) منظم ھجڻ ضروري آهي :

صرف ميڙ گڏ ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، اھو تھ مداري بھ گڏ ڪري ٿو وٺي. اصل ڪم ميڙ کي منظم ڪرڻ آهي ۽ اهو سياسي حڪمت عملي بنا، صبر ۽ تدبر کان سواءِ ممڪن ناهي.  ھن سموري تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ سماج جي مختلف طبقن ڀرپور حصو  وڌو.عوام منظم نه ھجي  ته انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ تمام گھڻو آسان ھوندو آهي. اهو سکڻ ضروري آهي ته اهڙين تحريڪن ۾  تعداد کان تنظيم وڌيڪ اهم ھوندي آهي.

(5) مختلف سماجي پرتن جي جوڙجڪ :

وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، دانشور،اديب ليکڪ، مزدور، هاري، دڪاندار، سرمائيدار، وچولو طبقو، گاڏا هلائيندڙ، رجعت پسند، ترقي پسند، يعني تھ ڪو  طبقو اهڙو نه هو جيڪو هن تحريڪ جو سڌي يا اڻ سڌي طرح حصو نه رھيو هجي. ڪابه سياسي تنظيم اهڙي ناهي جنھن ان کي پنھنجو ڌرڻو ،قبول نه ڪيو هجي.ايتري قدر جو معاملي جي ڌر  پيپلز پارٽي، به پاڻ کي ان کان پري نه رکي سگهي. (پي پي پي تي تنقيد ڪرڻ کانسواءِ)، ڪنهن به ڪنهن کي غدار نه چيو، ڪا طعنھ بازي نه ڪئي، هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشي نه ڪئي. ڪنهن به هڪ ٻئي جي ماضي کي نه کرچيو، صرف هڪ مقصد لاءِ  يڪجا ۽ يڪجان.ان کي قومي، عوامي جوڙجڪ  چيو ويندو آهي ۽ اھا ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي.سو، ان ۾ سکڻ وارن جي لاءِ گھڻيون ئي نشانيون آهن.

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو