پاڪستان کي معاشي ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش، ڀارت جو آءِ ايم ايف سان رابطو

Spread the love

نئين دهلي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڏنل قرضن ۽ مالي امداد جو نئين سر جائزو ورتو وڃي.
ڀارتي حڪومت جي هڪ سينيئر عهديدار پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ڀارت آءِ ايم ايف کي اهڙو باظابطا مطالبو ڪيو آهي، پر ان بابت وڌيڪ تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا.
ٻئي پاسي پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان جو تازي جائزو به ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان گذريل سال آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالر جو بيل آئوٽ پئڪيج حاصل ڪيو هو، جڏهن ته مارچ 2025 ۾ پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر جو ”Climate Resilience Loan“” پڻ ڏنو ويو هو.
امدادي قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي 350 ارب ڊالر جي معيشيت کي استحڪام مليو آهي ۽ ملڪ کي ڏيوالي جي خطرو ٽري ويو آهي.
واضح رهي ته ڀارت جو مطالبو پهلگام واقعي بعد ٻنهي ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت دعويٰ ڪئي آهي ته ان حملي ۾ ملوث ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جن مان ٻن بابت چيو پيو وڃي ته اهي پاڪستاني شهري آهن، جڏهن ته پاڪستان ڀارتي الزامن کي رد ڪندي واقعي جي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

مَي 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو