مٺي ويجهو سرڪاري اسڪولن ۾ ڪمرا ۽ سهولتون ناياب، معصوم ٻارڙا لانڍين ۾ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور
مٺي(ڊ-ر) مٺي ويجهو ڳوٺ ڀاناڻي ڀيل جي پرائمري اسڪول ۾ ڪمرن جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا لانڍين ۾ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن ۽ اسڪول جي عمارت صرف هڪ ڪمري تي مشتمل آھي جتي 3 استاد ۽ 142 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي ويهي مجبورن لانڍين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آھن
جڏھن ته ڳوٺ آمريو جي لالواڻي پاڙو جي پرائمري اسڪول به هڪ ڪمري تي مشتمل آھي جتي 65 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون زير تعليم آھن ۽ هن اسڪول ۾ به ڪمرن ۽ استادن جي کوٽ آھي ان کان سواءِ ڳوٺ ڦانگهاريو جي پرائمري اسڪول به هڪ ڪمري تي مشتمل آھي جتي 4 استاد مقرر ٿيل آھن ۽ 147 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هڪ ڪمري ۾ ويهي تعليم پرائي رهيا آھن پر اسڪولن کي وڌيڪ ڪمرا ڏيڻ لاءِ تعليم کاتو خاموش بڻيل آھي
جڏھن ته تڪ جي چونڊيل نمائندن هنن ڳوٺن ڏانهن وڃڻ ۽ انهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي زحمت به نه ڪئي آھي جڏھن ته ڳوٺ ڦانگهاريو ۽ ڳوٺ ڀاناڻي ڀيل ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ڪوبه الڳ اسڪولي عمارت نه هجڻ ڪري نياڻيون مجبور ٿي ڇوڪرن سان گڏ تعليم پرائي رهيون آھن ۽ تعليم واري صوبائي وزير جون نياڻين جي تعليم بابت دعوائون صرف بيانن تائين محدود رهجي ويون آھن.
ڳوٺاڻن وزير اعليٰ سنڌ صوبائي وزير تعليم ۽ مقامي ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کان فورن نوٽيس وٺي اسڪولن کي اضافي ڪمرا ۽ ٻيون سهوليتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
مَي 2, 2025